فضائي آلودگي، لاهور ٻي ۽ نئين دهلي پهرين نمبر تي

0
190
فضائي آلودگي، لاهور ٻي ۽ نئين دهلي پهرين نمبر تي
فضائي آلودگي، لاهور ٻي ۽ نئين دهلي پهرين نمبر تي

ڪراچي(ن ڊ) سڄا دنيا ۾ لاهور هوا جي آلودگي جي لحاظ کان اڄ ٻئي نمبر تي آهي، ايئر ڪوالٽي انڊيڪس موجب ڇنڇر جي صبح فضائي آلودگي جي حوالي سان ڀارتي راڄڌاني نئين دهلي دنيا ۾ پهرين ۽ لاهور ٻئي نمبر تي جڏهن ته ڪراچي کي دنيا جو ڇهين آلودگي وارو شهر قرار ڏنو ويو آهي

آلودگي ۾ واڌ کي نظر ۾ رکندي لاهور ۾ خانگي ۽ سرڪاري اسڪول اڄ، آچر ۽ سومر تي ٽن ڏينهن لاءِ بند رهندا، جڏهن ته ان حوالي سان نوٽيفڪيشن تي عملدرآمد 15 جنوري تائين جاري رهندو، ان کان علاوه اسڪولن ۾ استادن پاران ٻارن کي فضائي آلودگي بابت آگاهي ڏني ويندي