بلوچستان حڪومت پاران  روڊن تي ريليون ۽ ڌرڻا هڻڻ تي پابندي

0
163
بلوچستان حڪومت پاران  روڊن تي ريليون ۽ ڌرڻا هڻڻ تي پابندي
بلوچستان حڪومت پاران  روڊن تي ريليون ۽ ڌرڻا هڻڻ تي پابندي

ڪراچي(م ڊ) بلوچستان حڪومت ڪرمنل لا آرڊيننس جاري ڪري روڊن تي ريليون ۽ ڌرڻا هڻڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي بلوچستان ۾ ڪرمنل لا آرڊيننس تحت روڊن، رستن، گهٽين يا  هاءِ وي تي ريليون ۽ جلوس ڪڍڻ ممنوع قرار ڏنو ويو آهي

آرڊيننس جي ڀڃڪڙي ڪندڙن کي 3 کان 6 مهينا قيد ۽ 10 هزار رپيا ڏنڊ جي سزا ڏني ويندي، بلوچستان جي گورنر پاران ڪرمنل لا آرڊيننس جاري ڪيو ويو جيڪو سڄي صوبي ۾ لاڳو ٿيندو