فريدآباد (ن پ ا) ڊي ايڇ او دادو ڊاڪٽر عبدالحميد شيخ پاران مبينا طورميھڙ ۾ پنهنجي نجي اسپتال مان علاج لاءِ ٻارڙو کڻي ويل ڪاڇي جي سماجي اڳواڻ سڪندر بروهي ۽ سندس امڙ کي اسپتال مان ٻاهر ڪڍڻ واري عمل خلاف ۾ سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن سڪندر بروهي، شبير ڪرٽيو، پيرل ڏيرو، ميھر ڏيرو ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته ڊي ايڇ او دادو ڊاڪٽر عبدالحميد شيخ جو مسڪين اٻوجھ عوام ۽ مريضن سان اڻڍنگو رويو رکڻ معمول بڻيل آهي. منهنجي امڙ سندس اسپتال ۾ علاج لاءِ ننڍڙو کڻي پھتي ته ڊاڪٽر فيس وٺي ننڍڙي کي داخل ڪرڻ جو چيو جنهن تي امڙ کيس چيو ته داخل ٿيڻ جيترا ڏوڪڙ ھينئر ناھن فرسٽ ايڊ ڏيو پئسا اچڻ تي داخل ڪرائينداسون جنهن تي ڊاڪٽر پنهنجي عملي کي حڪم ڪيو ته ھن کي اسپتال مان ٻاهر ڪڍو ڊاڪٽر خلاف ڪارروائي ڪي وڃي.