فريدآباد(ن پ ا) فريدآباد ۽ ڀرپاسي ۾ وڌندڙ بدامني چورين ۽ ڦرون جي وارداتن ۾ اضافو ٿيڻ تي دڪاندار ايسوسيئيشن فريدآباد جي سڏ تي شٽربند هڙتال ڪئي وئي. دڪاندار ايسوسيئيشن جي سرپرست علي عباس چنا، صدر شفيق احمد چنا، ڪائونسلر امين بروهي شھري اتحاد جي صدر عبدالقادر ٻگھيو، علي اڪبر سمون، ايس ٽي پي اڳواڻ عبدالفتاح گائينچو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شھر ۾ شٽربند ھڙتال ڪري احتجاجي مظاهرو ڪري ميھڙ شاهه گودڙيو روڊ تي ڌرڻو هڻي ٿاڻن تي پٿاريون بند ڪريو، چور پالڻ بند ڪريو سميت بدامني خلاف سخت نعريبازي ڪئي. اڳواڻن چيو ته فريدآباد پوليس جي غفلت لاپرواهي رشوت خوري، چورن لوفرن،جوارين منشيات فروشن سان ياريون باشون ھئڻ سبب کين ڇوٽ ڇڏي ڏنو ويو آهي جنهن سبب اسين علائقي واسي غير محفوظ بڻيل آھيون. ھنن وڌيڪ چيو ته گذريل رات شھري سمير ٻگھيو کان وچ شھر مان موٽرسائيڪل ڦر ڪئي وئي، ان ئي رات ھوٽل مالڪ عزيز الله بروهي جي ھوٽل مان چوري ڪئي وئي. ان کان علاوه ھڪ ھفتي اندر فريدآباد جي اڳوڻي ناظم غلام مصطفي چنو جي گهر مان 30 ھزار جي فون 5000 رقم چوري ڪيا ويا، ڳوٺ کھڙا وليج مان واپاري گلزار احمد کوسو جي پٽ جيئند کوسو جي دڪان کي کاٽ ھڻي 20 ھزار روڪ رقم سميت 40 ھزار جو سامان ٻھاري ويا فريدآباد جي حڪيم سڪندر ڪرٽيو جي اسپتال مان سولر پليٽون ۽ پکا لاھي ويا فريدآباد ٿاڻي ڀرسان ثناء الله بروهي ۽ ماجد بروهي کان ٽچ موبائيل فونون ۽ روڪ رقم ڦر ڪري ويا گذريل رات ميھڙ کان فريدآباد ايندڙ عبدالوحيد ڏيرو کان 20 ھزار ۽ ٻيو سامان ڦر ڪيو ويو. ھفتي اندر 8 کان وڌيڪ چوري ۽ ڦر جون وارداتون ڪري ھزارين روپيا روڪ رقم موٽرسائيڪلون ۽ سامان ڦر ڪري کڻي فرار ٿي ويا پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو آهي. ھنن آء جي سنڌ ۽ ٻين کان مطالبو ڪيو ته بدامني کي ٻنجو ڏياريو وڃي.