اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ۾ ايندڙ هفتي 6 بينچ مختلف ڪيسن ۽ درخواستن جي ٻڌڻي ڪندا، جاري ڪيل ڪاز لسٽ مطابق بينچ نمبر هڪ ۾ چيف جسٽس گلزار احمد، جسٽس اعجاز الاحسن، جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي، بينچ نمبر 2 ۾ جسٽس مشير عالم، جسٽس يحيٰ آفريدي ۽ جسٽس قاضي محمد امين، بينچ نمبر 3 ۾ جسٽس عمر عطا بنديال، جسٽس منيب اختر ۽ جسٽس سجاد علي شاهه، بينچ نمبر 4 ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ جسٽس سردار طارق مسعود، بينچ نمبر 5 ۾ جسٽس مقبول باقر ۽ مظهر عالم ميان خيل جڏهن ته بينچ نمبر 6 ۾ جسٽس منظور ملڪ، جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس امين الدين خان شامل آهن. ايندڙ هفتي سپريم ڪورٽ ۾ جٽس قاضي فائز عيسيٰ جي نظرثاني وارين درخواستن، فريال ٽالپر، صوبائي وزير ناصر شاهه ۽ سهيل انور سيال جي نااهلي بابت درخواستن تي ٻڌڻي ٿيندي، جڏهن ته صحافي مطيع الله جان خلاف پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي سميت ن ليگي اڳواڻ امير مقام جي گرفتاري جوڳا وارنٽ ڪالعم قرار ڏيڻ خلاف اپيل تي ٻڌڻي پڻ ٿيندي.