بهاولپور (م ڊ) نواز ليگ جي سينيئر نائب صدر ۽ چيف آرگنائيزر مريم نواز چيو آهي ته معيشت اهڙي شئي ناهي،جنهن کي اوهان راتون رات بدلائي ڇڏيو، معيشت تي فتني خان جيڪو آپگهاتي حملو ڪيو آهي، ان مان معيشت کي ٻاهر ايندي، ڪيترائي سال لڳي سگهن ٿا. بهاولپور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته نواز شريف جلد وطن واپس ايندو، هن تياري به شروع ڪري ڇڏي پر ٽڪيٽ ڪنفرم ٿيڻ تائين حتمي تاريخ نٿي ٻڌائي سگهان، ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ وطن واپس ايندو، اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي هن چيو ته عمران خان کي اقتدار تائين پهچڻ  لاءِ بيساکين جي ضرورت هئي، چار سال اقتدار ۾ رهندي اسٽيبلشمينٽ جي ساراهه ڪندو رهيو، اقتدار وڃائڻ کانپوءِ هُن اسٽيبلشمينٽ کي تنقيد جو نشانو بڻائڻ شروع ڪري ڇڏيو.صحافي سوال ڪيو ته ڇا نواز ليگ اسٽيبلشمينٽ مخالف بيانيو کڻي چونڊن ۾ وڃڻ چاهي ٿي؟ ان تي مريم نواز چيو ته نواز ليگ حقيقتن تي ڳالهائيندي، اسان جو بيانيو حقيقتن تي ٻڌل آهي، اسان کي ڪنهن جي بيساکين جي ڪائي ضرورت نه آهي، اسانجو ڪنهن سان ذاتي جهيڙو ناهي،  اشوز جي بنياد تي ڳالهه ٿيندي آهي، اها هاڻ به ٿيندي، جيڪا ڳالهه ڪرڻي هوندي، ڪنداسين پر اسانجو بيانيو حقيقيتن تي ٻڌل هوندو، جنهن جو قوم گذريل 4، 5 سالن ۾ پنهنجي اکين سان مشاهدو به ڪيو. مريم نواز چيو ته پشاور ۾ دهشتگردي جو تازو واقعو انتهائي افوسناڪ آهي، ڪي پي ڪي ۾ گهڙي چور جي 10 سالن تائين حڪومت رهي، اڄ به دهشتگردي جي خاتمي واري کاتي جي آفيس اتي ڀاڙي تي ورتل آهي، سڀ کان وڌيڪ فنڊز ملڻ کانپوءِ به ڪي پي ۾ سهولتون ناهن، صوبي جي پوليس بي يارو مددگار بڻيل آهي، اِها ڳالهه واضح ڪري ٿي ته فنڊز ڪهڙي مقصدن لاءِ استعمال ڪيا ويا، وري جهڙي ريت دهشتگردن لاءِ سحدون کوليون ويون، انهن کي پنهنجو دوست قرار ڏنو، جن کي پنهنجو هٿ، اکيون ۽ ڪن چوندو هو، انهن کي هن پنهنجي لاءِ استعمال ڪيو، جيڪڏهن فنڊ رياست لاءِ استعمال ٿين ها ته ڪي پي ۾ هي حالتون نه هجن هائڪامورن، ججن، اسٽيبلشمينٽ ۽ اعليٰ آفيسرن لاءِ ڏکيا فيصلا نه پيا ڪيا وڃن، سمورا ڏکيا فيصلا عوام لاءِ ئي ڇو پيا ڪيا وڃن، انهن کان مراعتون ڪڏهن واپس ٿينديون؟ واري سوال تي نواز ليگ جي سينيئر نائب صدر مريم نواز چيو ته   بلڪل اڳتي وڌي قرباني ڏيڻ گهرجي، اوهان جن طبقن جو نالو ورتو، الله انهن کي نوازيو آهي ته انهن کي رضاڪاراڻي طور تي به اڳتي وڌي اڳڀرائي ڪرڻ گهرجي،  حڪومت کي به گهرجي ته  برابري قائم ڪري، هن وقت بار غريب عوام تي آهي، انهن کي به پورو شيئر کڻڻ گهرجي. اليڪشن کان ڊڄڻ  ۽ اليڪشن ۾ دير بابت هن چيو ته اليڪشن کان جيڪي ڊڄن ٿا، انهن جو خوف اوهانکي نظر اچي رهيو آهي، اسان عوام ۾ موجود آهيون، ماڻهن کي خبر آهي ته اڄ جيڪڏهن مهانگائي آهي ته ڪنهن جي ڪري آهي، 4 سال گهڙي چور جي حڪومت هئي، گهڙي چور سميت انهن مان هڪ به ماڻهو عوام ۾ وڃڻ جي قابل نه هو پر آئون جڏهن کان لنڊن مان آئي آهيان، عوام ۾ آهيان، آءِ ايم ايف جو معاهدو عمران ڪري ويو، جنهن جي ڪري اڄ مهانگائي آهي، اڄ اسان جيڪڏهن عوام کي رليف ڏيڻ به چاهيون ٿا ته نه ٿا ڏئي سگهون، ڇاڪاڻ آءِ ايم ايف اسانجا هٿ ٻڌي ڇڏيا آهن. هن چيو ته هي 8 مهينن جي حڪومت آهي پر اسانجي حڪومت 28 نومبر کانپوءِ شروع ٿي آهي، ڇاڪاڻ ان کان اڳ لاڏلي جا سرپرست موجود هئا. شاهد خاقان عباسي بابت سوال جي جواب ۾ مريم نواز چيو ته شاهد خاقان عباسي اسان جو سينيئر آهي، هو نواز شريف جو ويجهو ساٿي ۽ منهنجو وڏو ڀاءُ آهي، ان جي ۽ ٻين پارٽي اڳواڻن جي سرپرستي ۾ اڳتي وڌنديس. مريم نواز وڌيڪ چيو ته شاهد خاقان سان پاڻ ملاقات ڪنديس، اسان پنهنجي دل جي ڳالهه هڪٻئي جي آڏو رکنداسين پر مخالف ان مان جيڪا خوشي ڳولڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن کين اُها خوشي نه ملندي، ڇاڪاڻ ته شاهد خاقان عباسي وفادار ۽ اصول وارو ماڻهو آهي.