ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) وزيراعظم شهباز شريف ڪراچي پهچي جوهري توانائي سان 1100 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪندڙ ڪي ٿري پاور پلانٽ جو افتتاح ڪري ڇڏيو، ان موقعي تي وزيراعظم شهبازشريف چيني سيڙپڪارن کي بجلي واري شعبي ۾ سيڙپ جي آڇ ڪندي چيو ته اهي 2 ملين ڊالر في ميگا واٽ واري اگهه تي بجلي ٺاهڻ لاءِ متفق آهن ته وفاقي سرڪار ساڻن ٺاهه لاءِ تيار  آهي، هن چيو ته اسان ساليانُو 27 ارب ڊالر ٻارڻ جي امپورٽ تي خرچ ڪريون ٿا، اسان کي سستو ٻارڻ کپي،  پلانٽ جي افتتاح  وقت  سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، توانائي وارو وفاقي وزير خرم دستگير ۽ پلاننگ وارو وفاقي وزير احسن اقبال موجود هئا، ذريعن موجب ڪي ٿري منصويي مان 12 رپيا في يونٽ جي سستي اگهه تي بجلي ملي سگهندي، جڏهن ته ڪراچي ۾ بجلي جي مجموعي پيداوار 2200 ميگاواٽ ٿي ويندي،