اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جي ڳالهين ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اثاثن تائين پهچ لاءِ گائيڊ لائين جاري ڪئي وئي، عالمي مالياتي اداري گريڊ 17 ۽ مٿي وارن آفيسرن جا اثاثا ظاهر ڪرڻ سميت نوان شرط پڻ  رکي ڇڏيا. تفصيل موجب حڪومت ۽ آءِ ايم ايف ۾ ٽيڪنيڪل ڳالهين جو ٽيون دور گذريل ڏينهن ناڻي وزارت ۾ جاري رهيو جنهن ۾ ناڻي واري وزير اسحاق ڊار ۽  آءِ ايم ايف جي وفدن شرڪت ڪئي،  آءِ ايم ايف بجلي جي ورهاست ڪندڙ ڪمپنين جي ڪارڪردگي کي غير تسلي بخش قرار ڏئي ڇڏيو آهي، ذريعن مطابق قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي اثاثن تائين پهچ جي لاءِ گائيڊ لائنز جاري ڪيون ويون، اسٽيٽ بينڪ، اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ۽ ايف بي آر گڏجي ڪم ڪنديون، آءِ ايم ايف جي نون شرطن ۾ چيو ويو آهي ته گريڊ 17 ۽ ان کان مٿي جي آفيسرن ۽ انهن جي گهرڀاتين جا اثاثا ڊڪليئر ڪيا وڃن،ٽيڪنيڪل ڳالهين ۾ آءِ ايم ايف بجلي جي ورهاست ڪندڙ ڪمپنين جي ڪارڪردگي تي عدم اعتماد جو اظهار ڪيو ۽ 100 سيڪڙو بل وصولي ۾ ناڪامي تي سخت خدشا ظاهر ڪيا، آءِ ايم ايف حڪومت کان وصولي يقيني بڻائڻ جو مطالبو ڪيو، بجلي ٽيرف ۾ سبسڊي ختم ڪرڻ ۽ صنعتي شعبي جي ٽيرف سبسڊي جي خاتمي جو به مطالبو ڪري ڇڏيو، آءِ ايم ايف جو چوڻ آهي ته 100 بل وصولي ۽ حڪومتي ڪمپنين جي ڪارڪردگي بهتر بنائڻ کانسواءِ گردشي قرض جو خاتمو ممڪن نه آهي، ياد رهي ته آءِ ايم ايف جو وفد هلندڙ ڏينهن ۾ پاڪستان ۾ موجود آهي، جيڪو پاڪستاني اختيارين سان ڳالهيون ڪري رهيو آهي، جنهن کان پوءِ پاڪستان جي لاءِ آءِ ايم ايف پروگرام جو فيصلو ڪيو ويندو