لاڙڪاڻو( رپورٽ: نادر ابڙو)  پ پ شهيد ڀٽو جي مرڪزي اڳواڻ عنايت عمراڻي جي نانگ ڪکيل ڀائيٽي پريسه عمراڻي جي ڊاڪٽرن جي مبينا غفلت سبب فوت ٿيڻ واري واقعي تي فاطمه ڀٽو ٽوئيٽ ڪندي چيو  ته ٻوڏ کان پوءِ عمراڻي خاندان جي 16 ورهين جي ڌيءَ نانگ جي ڪکڻ سبب فوت ٿي وئي جنهن کي وارث اسپتال کڻائي ويا جتي کيس زهر ڪڍڻ واري ويڪسين نه ڏني وئي ۽ نه ئي سندس جو بنيادي خيال رکيو ويو ۽ هاڻي لاڙڪاڻي ضلعي جي پوليس سندن گهرن تي ڇاپا هڻي رهي آهي جيڪا خالص انتقام آهي ۽ مان ان کي نه وساريندس. هوڏانهن پ پ شھيد ڀٽو جي مرڪزي اڳواڻ عنايت عمراڻي ضمانت لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ پنهنجي وڪيل قربان ملاڻو معرفت پيش ٿيو، جتي عدالت 30، 30 هزار رپين عيوض ٻنهي ڪيسن ۾ سندس جي عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي آهي. واضع رهي ته ٽي ڏينهن ڊاڪٽر جنيد سانڊاڻو ۽ سرڪار پاران سول لائين ٿاڻي تي عنايت عمراڻي سندس ڀائرن سميت 100 کان وڌيڪ جوابدارن مٿان دهشتگردي ايڪٽ، ڀڃ ڊاهه سميت مختلف قلمن هيٺ ٻه ڌار ڌار ڪيس داخل ڪيا هئا.واضح رهي ته غنويٰ ڀٽو عنايت عمراڻي کان لاتعلقي ڪئي هئي، جڏهن ته غنويٰ ڀٽو جي پٽ جونيئر ذوالفقار ۽ سندس نياڻي فاطمه طرفان عنايت عمراڻي جي حمايت تي ٽوئيٽ ڪرڻ ڪيترائي سوال اٿاري ڇڏيا آهن. ڪشمور ۾ شھيد ڀٽو ڪارڪنن بلاول غازي کوسو، ڪامريڊ علي گوھر احتجاج ڪيو. قمبر ۾ عنايت عمراڻي ۽ ساٿين مٿان ڪيس داخل ڪرڻ خلاف محمد جان بروهي، اياز ميرجت، مشتاق نوناري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾احتجاج ڪيو ويو.