خيرپور (رپورٽر) خيرپور جي اوستا گاهي پاڙي مان ڏيڍ مهيني کان پوءِ به برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو، رهواسين طرفان گندو پاڻي جهاڳي لاش قبرستان ۾ دفنائڻ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي. خبر موجب ميونسپل ڪاميٽي خيرپور وارڊ نمبر 9 جي اوستا گاهي پاڙي مان ڏيڍ مهينو گذرڻ کان پوءِ به برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ رهواسين کي گندو پاڻي جهاڳي لاش قبرستان پهچائڻو پيو. اهڙي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي. ان ڏس ۾ اوستو گاهي پاڙي جي رهواسين جو چوڻ آهي ته ڊپٽي ڪمشنر، اسسٽنٽ ڪمشنر، ميونسپل ۽ پبلڪ هيلٿ انتظاميا کي شڪايتون ڪري ڪري ٿڪجي پيا آهيون پر پاڻي نيڪال نه نٿو ڪرايو وڃي. هاڻي برساتي پاڻي ڌپ ڪري ويو آهي، جنهن ڪري بيماريون ڦهلجي ويون آهن. هنن لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو ته اوستو گاهي پاڙي مان هنگامي بنيادن تي برساتي پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي.