نوشهروفيروز: پ پ ليڊيز ونگ جي ضلعي صدر ڊاڪٽر فاطما انصاري احتجاجن پنھنجي عھدي تان استعيفا ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي، ميڊيا سان ڳالهائيندي ھن چيو ته پنھنجي حڪومت ۾ اسان سان انصاف نه ٿيو، سٽنگ ايم پي اي قتل ٿي پر حڪومت ساٿ نه ڏنو، جڏھن ته واقعي کان اڳ امڙ تحفظ لاءِ ايس ايس پي نوشهروفيروز ۽ ٻين عملدارن کي ليٽر به لکيو ھو پر ان جي باوجود به کيس تحفظ فراهم نه ڪيو ويو ۽ واقعي کانپوءِ ڪنھن ايم پي اي يا ايم اين اي سار نه لڌي، هن چيو ته جڏھن پارٽي سار نٿي لھي ته پوءِ عھدن تي رھڻ جو ڪھڙو فائدو آھي؟ ان ڪري عھدي تان استعيفا ڏيان ٿي، هن چيو ته امڙ جو قتل ڪيس سپريم ڪورٽ تائين کڻي ويندس.