نوشهروفيروز (رپورٽ: زاھد راڄپر) عدالت پ پ ايم پي اي شھناز انصاري قتل ڪيس جو محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيوآھي، جنھن موجب عدالت ھڪ جوابدار کي عمر قيد جي سزا ۽ ٽن جوابدارن کي باعزت بري ڪري ڇڏيو، ڪرمنل ماڊل ۽ ايڊيشنل سيشن جج نوشهروفيروز الھه بچايو گبول جي عدالت ڪيس جو محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو، جنھن ۾ جوابدار وقار کوکر کي عمر قيد ۽ 10 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي، جڏھن ته عدالت ٽن جوابدارن اختر، سلميٰ ۽ صديق کوکر کي شڪ جي بنياد تي باعزت بري ڪري ڇڏيو، عدالتي فيصلو اچڻ بعد جوابدار مسڪرائيندا رهيا، جڏهن ته عدالت ٻاهران رڪارڊنگ ڪرڻ تان ڪجھه ماڻھن وڪيل اعجاز ڀٽو کي مارڪٽ پڻ ڪئي، عدالتي فيصلي بعد مقتول شھناز جي نياڻي ڊاڪٽر فاطما انصاري ۽ ٻيا وارث پاڪ ڪتاب هٿن ۾ کڻي دانھون ڪندا رھيا ته اسان سان وڏو ظلم ٿيو آھي، اسان کي انصاف ناھي مليو، جن ماڻھن اسان جي سامھون شهناز کي گوليون ھڻي ماريو، انھن کي باعزت بري ڪيو ويو آھي، فيصلي بعد عدالت ٻاھران انتھائي ڏکوئيندڙ منظر نظر آيا، جڏھن ته فيصلي کان اڳ عدالت مان ٻاھرين ماڻھن کي ڪڍي خالي ڪرايو ويو ھو.