نوشهروفيروز: ايم پي اي شھناز انصاري جي وارثن قتل ڪيس جو آيل فيصلو ھاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر فاطما انصاري ٻڌايو ته وڪيلن سان مشورو ڪيو آھي، جيئن ئي فيصلي جي ڪاپي ملندي ته فيصلي کي ھاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويندو.