غير اخلاقي وڊيوز ڪيس: دانيا شاهه جي ضمانت واري درخواست رد

0
202
غير اخلاقي وڊيوز ڪيس

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ مرحوم ايم اين اي ڊاڪٽر عامر لياقت جون غير اخلاقي وڊيوز وائرل ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار دانيا شاهه جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي آهي

 ڌرين جا دليل مڪمل ٿيڻ بعد گذريل ڏينهن عدالت فيصلو محفوظ ڪيو هو، عامر لياقت جي بيوهه دانيا شاهه جي وڪيل دليل ڏيندي چيو هو ته جن نمبرز تان وڊيوز وائرل ڪيون ويون اهي نمبر دانيا شاهه جا نه آهن

 درخواست ۾ ضمانت منظور ڪرڻ ۽ ايف آءِ اي خلاف ڪارروائي جي استدعا ڪئي وئي هئي، ڊاڪٽر عامر لياقت جي ڌيءَ جي وڪيل جو موقف هو ته عامر لياقت جون وڊيوز ۽ تصويرون دانيا شاهه ئي وائرل ڪيون هيون، دانيا شاهه کي گذريل سال ايف آءِ اي لوڌران مان گرفتار ڪيو هو

هي به پڙهندا

راکي پاران مڙس عادل دراني تي تشدد ۽ ڏيڍ ڪروڙ رپين جي فراڊ جو الزام