راکي پاران مڙس عادل دراني تي تشدد ۽ ڏيڍ ڪروڙ رپين جي فراڊ جو الزام

0
233

نئين دهلي(شوبز نيوز) ڀارتي اداڪارا راکي ساونت پنهنجي مڙس عادل دراني تي جسماني تشدد ڪرڻ ۽ ڏيڍ ڪروڙ رپين جي فراڊ جو الزام لڳائي ڇڏيو آهي

ڀارتي صحافي سان ڳالهائيندي راکي ساونت چيو ته مان اڌ مئل لاش، عادل مونکي 28 تاريخ تي تشدد ڪيو، پوءِ 30 تي تشدد ڪيو ۽ وري 31 جنوري تي به تشدد ڪيو، هن چيو ته هيءَ ناري جيڪا هن سان پيار ۾ ايتري پاڳل ٿي وئي، ان کي هن تشدد جو نشانو بڻايو، راکي چيو ته مون پنهنجي زخمن جا سرٽيفڪيٽ اوهان کي به موڪليا آهن، مونکي اندروني زخم گهڻا آيا آهن

ڀارتي ميڊيا تي وائرل هڪ ٻي وڊيو ۾ راکي ساونت چئي رهي آهي ته اڃا ته عادل پوليس جي تحويل ۾ آهي، ڏسئون اهو ڪهڙو بيان ڏئي ٿو

راکي ساونت جو چوڻ آهي ته عادل هڪ ڀيرو وري مفاهمت ڪرڻ ۽ گڏ رهڻ جو چئي رهيو آهي پر مان هن کي نه ٿي مڃيان، ڇو ته مون هن کي گهڻو معاف ڪيو پر هن مون تي تشدد ڪيو ۽ مونکان پئسا وٺي ڇڏيا

هي به پڙهندا

ڀارتي اداڪارا راکي ساونت ۽ عادل خان رستا الڳ ڪري ورتا