ڀارتي اداڪارا راکي ساونت ۽ عادل خان رستا الڳ ڪري ورتا

0
400
ڀارتي اداڪارا راکي

ممبئي(شوبز نيوز) راکي ساونت چيو آهي ته منهنجي مڙس عادل خان دراني ۽ مان پنهنجا رستا الڳ ڪري ڇڏيا آهن

ڀارتي ميڊيا سان ڳالهائيندي ويجهڙ ۾ شاديءَ جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجندڙ اداڪارا راکي ساونت انڪشاف ڪيو آهي ته مڙس عادل خان مونکان عليحدگي ڪري ورتي آهي ۽ هاڻي هوءَ عادل خان سان گڏ نه آهي

Rakhi Sawant accused her husband Adil Khan Durrani of not paying for her mother's surgery.

راکي ميڊيا کي ٻڌايو ته منهنجو مڙس ڪنهن ٻي ناريءَ سان گڏ لاڳاپن ۾ آهي ۽ ان لاءِ ئي اهو مونکان الڳ ٿي ويو آهي. واضح رهي ته راکي گذريل مهيني ميڊيا تي اعلان ڪيو هو ته هن عادل خان دراني سان 7 مهينا اڳ شادي ڪري ورتي هئي

پر ان کان پوءِ ڪجهه ڏينهن بعد ئي انهن ٻنهي جي عليحدگي جون افواهون به پکڙجي ويون آهن جن جي پاڻ راکيءَ تصديق ڪري ڇڏي آهي