غيرقانوني پرڏيهين خلاف ڪريڪ ڊائون جاري، 50 کان وڌيڪ شڪي گرفتار

0
126

ڪراچي: سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ افغانين سميت غير قانوني پرڏيهين خلاف ڪريڪ ڊائون جاري، ڪراچي ۾ سائيٽ سپر هاءِ وي ويجهو يسرب ڳوٺ ۾ آپريشن دوران 50 کان وڌيڪ شڪي ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو

 ايس ايس پي ايسٽ عرفان بهادر چيو آهي ته حراست ۾ ورتل ماڻهن جي ڊيٽا چيڪ ڪئي پئي وڃي، ڊيٽا جي تصديق بعد غير قانوني پرڏيهين کي بورڊنگ ڪيمپ منتقل ڪيو ويندو

 ڪراچي ۾ حراست ۾ ورتل غيرقانوني پرڏيهين کي حاجي ڪيمپ ۾ قائم ڪيل هولڊ سينٽر ۾ منتقل ڪيو پيو وڃي، هولڊ سينٽر ۾ غيرقانوني پرڏيهين جي کاڌي پيتي ۽ صحت جي سهولتن جو انتظام به ڪيو ويو

 پرڏيهين جي دستاويزن جي تصديق لاءِ نادرا جي ڪيمپ به قائم، پنجاب، ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ به غير قانوني پرڏيهين خلاف ڪارروائيون جاري، وڌيڪ ڪيترن ئي ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو

هي به پڙهندا

پرڏيهين جي واپسي شروع: ڪيترائي گرفتار، عارضي پناهگاهن ۾ منتقل: فرحت الله بابر ۽ ٻيا بيدخلي روڪرائڻ سپريم ڪورٽ پهچي ويا