پرڏيهين جي واپسي شروع: ڪيترائي گرفتار، عارضي پناهگاهن ۾ منتقل: فرحت الله بابر ۽ ٻيا بيدخلي روڪرائڻ سپريم ڪورٽ پهچي ويا

0
145
پرڏيهين جي واپسي شروع: ڪيترائي گرفتار، عارضي پناهگاهن ۾ منتقل: فرحت الله بابر ۽ ٻيا بيدخلي روڪرائڻ سپريم ڪورٽ پهچي ويا
پرڏيهين جي واپسي شروع: ڪيترائي گرفتار، عارضي پناهگاهن ۾ منتقل: فرحت الله بابر ۽ ٻيا بيدخلي روڪرائڻ سپريم ڪورٽ پهچي ويا

ڪراچي/ اسلام آباد(نمائندن وٽان/ مانيٽرنگ ڊيسڪ)  پاڪستان ۾ رهندڙ غيرملڪن جي نيڪالي لاءِ ڏنل مهلت ختم ٿي وئي، پوري ملڪ ۾ غيرقانوني طور رهندڙ غير ملڪن کي ملڪ مان نيڪالي جي لاءِ گرفتارين وارو عمل شروع ٿي ويو

هڪ لک 40 هزار کان وڌيڪ رضاڪارانه طور تي واپس پنهنجي ملڪي روانو ٿي ويا آهن. گهر وزير. وفاقي وزارت داخلا پاران ملڪ ۾ غيرقانوني طور رهندڙن جي نيڪالي لاءِ پڌرائي جاري ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ غيرقانوني طور رهندڙ 40 هزار 322 غير ملڪي ماڻهو رضاڪارانه طور پنهنجي ملڪ واپس وڃي چڪا آهن. پهرين نومبر کان غيرقانوني طور رهندڙ غيرملڪين کي گرفتار ڪري ملڪ بدر ڪرڻ وارو عمل شروع ٿي ويو آهي. جڏهن ته غيرقانوني طور رهندڙ غير ملڪي شهري پاڻ به رضاڪارانه طور واپس وڃي رهيا آهن.  پڌرائي مطابق پاڪستان مان ويندڙ يا ملڪ بدر ڪندڙن سان عزت ۽ احترام وارو ورتاءٌ ڪيو ويندو

خوراڪ، صحت سميت سمورين سهولتن جي فراهم کي يقيني بڻايو ويندو. ٻئي پاسي غيرقانوني افغانين جي بي دخلي خلاف پ پ جي مرڪزي اڳواڻ فرحت الله بابر، جماعت اسلامي جي سينيٽر مشتاق احمد، جبران ناصر، ايمان مزاري،   ۽ ٻين افغان پناهگيرن جي بي دخلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي.  آرٽيڪل 184 (3) تحت درخواست داخل ڪرائي وئي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته نگران حڪومت پاران پناهگيرن جي بي دخلي جا حڪم آئيني مينڊيٽ کان مٿي آهن، آئين ۾ ڏنل 12 بنيادي حق غي ملڪين تي به لاڳو ٿين ٿا. وفاقي حڪومت جي ايپڪس ڪميٽي جي جوڙ جڪ آئيني ۽ قانوني طور درست ناهي

گڏيل قومن مان منظور ٿيل دستاويز رکندڙن کي غيرقانوني افغان قرار نٿو ڏئي سگھجي. انهن کي به ٽارگيٽ بڻايو پيو وڃي. درخوسات ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته وفاقي حڪومت جي اڻ اعلانيل پاليسي موجب پاڪستان ايندڙن کي پهرين ڀليڪار چيو ويو ۽ اوچتو واپس اماڻڻ بنيادي حقن جي واضح ڀڃڪڙي آهي، افغان مهاجرن جي بي دخلي جو ٽي آڪٽوبر وارو فيصلو غيرآئيني۽ اليڪشن ايڪٽ 2017ع جي خلاف قرار ڏنو وڃي. وفاقي حڪومت ۽ ان جي ادارن کي گڏيل قومن ۽ پاڪستان جي منظور ٿيل دستاويز رکندڙن کي هراسان ڪرڻ ۽ جبري بي دخلي کان روڪڻ جو حڪم ڏنو وڃي. درخواست ۾ اها به اپيل ڪئي وئي آهي ته گڏيل قومن تحت ڪم ڪندڙ ادارن کي پناهگيرن جي سمورين درخواستن تي جلد فيصلن لاءِ وفاقي حڪومت کي حڪم ڏنو وڃي

ٻئي پاسي افغان پناهگيرن جي واپسي جو منصوبو ناڪام بنائڻ جي سازش پڪڙجي پئي آهي. ذريعن موجب ملڪ دشمن قوتن چمن ۽ اسپين بولدڪ تي احتجاج ذريعي ڏڦيڙ پکيڙڻ جو ناپاڪ منصوبو جوڙيو هو. سازش تحت ڪيمپن ۾ يا غيرقانوني پرڏيهين جي چرپر دوران شر پکيڙيو ويندو. ڪڌن مقصدن لاءِ افغانين کي سڪيورٽي ادارن پاران زوري ڏيهه موڪلڻ جون تصويرون ۽ وڊيوز  ٺاهڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويو. انهن تصويرن ۽ وڊيوز کي پاڪستان خلاف پروپيگنڊا طور استعمال ڪرڻ جو منصوبو آهي. ذيعن موجب ڪراسنگ پوائنٽن تي افغان پناهگيرن تي فائرنگ جو به منصوبو جوڙيو ويو آهي. هن ڪڌي منصوبي جو مقصد پاڪ_افغان ڇڪتاڻ وڌائڻ ۽ افغانين جي واپسي جي منصوبي کي ناڪام بڻائڻ آهي. پرڏيهين جي واپسي شروع ٿي وئي.  غيرقانوني طور رهندڙن جي گرفتاري ۽ آپريشن جو سلسلو جاري آهي، اسلام آباد ۾ اِي 11 ۾ آپريشن ڪيو

Pakistan asks Trump to help fund border fence with Afghanistan | Pakistan |  The Guardian

جتان گرفتار ٿيلن کي گولڙا شريف منتقل ڪيو ويو آهي. هوڏانهن 64 غيرقانوني افغانين کي ٻن بسن ۾ افغانستان اماڻيو ويو آهي. ڪراچي مان 4 غيرقانوني پرڏيهي گرفتار ڪيا ويا. چمن بارڊر تي ڪيترائي غيرقانوني ماڻهو گرفتار ڪيا ويا آهن. چمن بارڊر تي ماڻهن جي اچ وڃ لاءِ لوڪل دستاويز سسٽم رد ڪندي پاسپورٽ لازمي قرار ڏنو ويو آهي.بارڊر ڪراسنگ لاءِ پاڪستانين لاءِ به پاسپورٽ جو شرط رکيو ويو آهي.  اختيارين موجب ڊيڊلائين ڏيڻ کان وٺي هن وقت تائين هڪ لک 40 هزار 322 غيرقانوني پرڏيهي پاڻ مرادو پنهنجي ملڪن ڏانهن هليا ويا آهن. هوڏانهن بلوچستان جي نگران صوبائي وزير جان اچڪزئي چيو آهي ته سنڌ مان ٽرين ذريعي 1 هزار کان وڌيڪ غيرقانوني پرڏيهي اچي رهيا آهن جن کي چمن بارڊر تان ملڪ بدر ڪيو ويندو

جعلي سڃاڻپ ڪارڊ رد ڪيا ويندا.  هوڏانهن نگران  گهرو وزير پاران ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو فارن ايڪٽ 1946 تحت سمورن صوبن کي پرڏيهين جي نيڪالي جو حڪم جاري ڪيو ويو آهي. نگران حڪومت خبردار ڪيو آهي ته ڊيڊ لائن گذرڻ کانپوءِ جيڪڏهن ڪو پاڪستاني غيرقانوني طور پرڏيهين کي پناهه ڏيڻ ۾ ملوث نڪتو ته سندس خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. نگران حڪومت جو بي دخلي پلان پاڪستان ۾ غير قانوني طور رهندڙ سمورن پرڏيهين تي لاڳو ٿيندو، بي دخلي پلان ۾ ڪنهن به ملڪ يا شهريت کي خاطر ۾ نه آندو ويندو. سيڪيورٽي فورسز ميپنگ ۽ جيو فينسنگ ذريعي غير قانوني طور ترسيل افغانين جي نشاندهي جو عمل مڪمل ڪري ورتو آهي. سنڌ ۾ رهندڙ 2 لک غير قانوني طور ترسيل پرڏيهين جي سڃاڻپ جو عمل مڪمل ڪيو ويو آهي، اهڙي طرح ڪي پي ۾ رهندڙ ٽي لک غير قانوني طور رهندڙ افغان شهرين کي به هولڊنگ سينٽرن ۾ منتقل ڪيو ويندو. پنجاب ۽ بلوچستان ۾ به غير قانوني طور تي رهندڙ افغان شهرين کي ڪڍڻ لاءِ به آپريشن شروع ڪيو ويو آهي ۽ سندن ڊيٽا اسڪينگ ذريعي چيڪ ڪيو پيو وڃي.  هوڏانهن ڪراچي جي علائقي سهراب ڳوٺ، گنا منڊي، جنجال ڳوٺ، مڇر ڪالوني، اقبال مارڪيٽ اورنگي ٽائون ۽ ٻين علائقن ۾ آپريشن دوران 71 غيرقانوني پناهگيرن کي گرفتار ڪري حاجي ڪيمپ ۾ قائم هولڊنگ سينٽر منتقل ڪيو ويو، هولڊنگ سينٽر ۾ ايف آءِ اي جي 17 رڪني ٽيم مقرر ڪئي وئي، جتي غيرقانوني پناهگيرن جي رجسٽريشن ڪري انهن کي بسن ذريعي چمن بارڊر کان افغانستان موڪلڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي. پوليس اختيارين شهر ۾ اعلان ڪرايا ته ڪنهن کي به رياعت نه ڏني ويندي، ان ڪري غيرقانوني پناهگير رضاڪاراڻي طور پنهنجي ملڪ واپس وڃن يا وري هولڊنگ سينٽر پهچن، ٻي صورت ۾ کين گرفتار ڪيو ويندو

ٻئي پاسي  ميرپورخاص ۾ به پوليس پاران آپريشن شروع ڪندي شھر جي مختلف علائقن ۾ سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي ڪاغذن جي جاچ پڙتال ڪئي پئي وڃي غير ملڪين جي نيڪالي لاءِ ضلع انتظاميه پاران ڪميٽيون جوڙيون ويون آھن، ڪميٽي ۾ اسٽنٽ ڪمشنر سليم شيخ کي فوڪل پرسن مقرر ڪيو ويو آهي جنھن ۾ ايف آئي اي ، نادرا، رينجرز، اسپيشل برانچ ، سي ٽي ڊي جا عملدار شامل آھي، جڏھن ته ضلعي جي 18 ٿاڻن جي حدن ۾ غير ملڪين جي نيڪالي لاءِ اسپيڪٽر ۽ سب انسپيڪٽر کي سرچنگ ٽيمن جو انچارج بڻايو ويو آهي ساس ادارن پاران ضلعي انتظاميا کي غير ملڪين بابت لسٽ ڏني وئي آھي، جنھن ۾ 1040 مشڪوڪ ماڻهو آھن، جڏهن ته اھو پڻ ڄاڻايو ويو آهي ته جيڪي ماڻھو 1974 کان پھريان آيا جن به شناختي ڪارڊ يا پاسپورٽ ٺھرايو انھن کي قانوني شھري تسليم ڪيو ويندو بعد ۾ آيلن کي غير قانوني تسليم ڪري ملڪ مان نيڪالي ڏني ويندي. هوڏانهن تنگواڻي ۾ افغاني پناهگيرن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ٿي ويو، ڪالهه پوليس دڪانن ۽ ٺيلهن تي چڙهائي ڪري ڪيترن ئي پناهگيرن کي سوگهو ڪري ڪارڊ چيڪ ڪيو، پوليس ڪارروائي دوران پناهگيرن ۾ ڀاڄ پئجي وئي، رابطو ڪرڻ تي پوليس ٻڌايو ته سرڪار جي ڏنل تاريخ گذرڻ بعد ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو آهي، ڌرتي ڌڻي به ساٿ ڏين، جيئن مڪمل پرڏيهين کي پنهنجي وطن اماڻي سگهجي

سرهاري ڀرسان چودڳي ۾ ٻيڙو زرداري ايئرپورٽ تي افغاني آباد هجڻ جو انڪشاف،  ان ڏس ۾ سرهاري ويجهو چودڳي ۾ ٻيڙو زرداري ايرو ڊروم ڊپارٽمينٽ آف پلانٽ پروٽيڪشن گورنمينٽ آف پاڪستان جي نالي سان 1972ع ۾ پاڪستان جي دفاع لاءِ هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ  تعمير ڪرائي وئي هئي، ان حوالي سان علائقي جي نيڪ مرد صالق زرداري موجب ته  1972ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽو پاران هي ايئرپورٽ منظور ڪرايو ويو هو،ڪجھه سالن بعد ايئرپورٽ بند ٿي ويو ۽ عملو هليو ويو، هن ٻڌايو ته عملو وڃڻ بعد مقامي بااثرن زمين تي قبضا ڪري فصل پوکي ڇڏيو ۽ سرن جا بٺا افغانين کي مقاطعي تي ڏنا ويا، هن ٻڌايو ته ايئرپورٽ جي بلڊنگ سميت اسٽاف لاءِ 2 الڳ الڳ ڪوارٽر ٺهيل آهن، جن تي پڻ افغانين جو 2010 کان قبضو آهي، افغانين 80 کان وڌيڪ سرن جا بٺا قائم ڪري ڇڏيا آهن،  ٻي طرف حاجي ڪمال خان موجب ته اسان 11_2010 ۾ هتي آيا هئاسين، ان وقت صرف جهنگ هئو، ايئرپورٽ جي بلڊنگ ۽ ڪوارٽر خالي پيل هئا، جن ۾ اسان گهر آباد ڪيا