غوثپور (ن پ ا ) غوثپور جي شيخ محلي ۾ نندواڻي ۽ شيخ برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ ڪارنهن تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو،نندواڻي برادري جي هٿياربندن جي فائرنگ ۾نوجوان عبدالقادر شيخ سخت زخمي ٿي پيو .اطلاع بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو، راجا ۽ حبيب الله شيخ ميڊيا کي ٻڌايو ته نندواڻي برادري پاران اسان مٿان ڪارنهن جو ڪوڙو الزام لڳائي جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. پوليس موجب ڌرين ۾ هلندڙ ڪارنهن تڪرار تان واقعو پيش آيو، جوابدارن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻبو.