حيدرآباد(بيورو رپورٽ) قاسم آباد جي علائقي لنڊن ٽائون وٽ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب هڪ ڄڻو سڙي ٿڏي تي فوت ٿي ويو جڏهن ته هڪ ڄڻو سخت زخمي ٿي پيو. ٻئي ڄڻا خانگي ڪمپني جا ملازم هئا ۽ علائقي ۾ ڪمپني جا تشھيري بورڊ لڳائيندي کين 11 هزار وولٽيج جي تارن مان ڪرنٽ لڳو. سڙي فوت ٿيل شخص جي سڃاڻپ  18 سالن جي جميل عرف علي رضا ولد ديدار علي طور ۽ زخمي جي سڃاڻپ 20 سالن جي شهزاد احمد ولد ڪريم بخش طور ٿي. ٻيئي ڄڻا ڪوٽڙي جا رهواسي ٻڏايا پيا وڃن. واقعي سبب علائقي واسي وڏي انگ ۾ جمع ٿي ويا. بعد ۾ فوتي جي لاش ۽ زخمي کي علاج لاء اسپتال منتقل ڪيو ويو. علائقي واسين موجب بجلي  جي حادثي جو شڪار ٿيل ٻيئي ڄڻا هڪ خانگي ڪمپني جا بورڊ لڳائيندي سڙي پيا. انهن رستي ڀرسان هڪ وڏو سائن بورڊ پئي لڳايو جو ساڻن اهو واقعو پيش آيو. اهو واقعو مڪس بچت واري جنرل اسٽور وٽ پيش آيو. وائرل ٿيل هڪ وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هڪ ڄڻو ڪافي دير تائين بجلي جي ڪرنٽ جو شڪار رهيو. علائقي جي پوليس ان واقعي کان بيخبر رهي.