سرهاري (ن پ ا) سرهاري پوليس عدالتي حڪم تي بٺي تي ڇاپو هڻي پورهيت ماءُ ڌيءُ کي بازياب ڪرائي ورتو، خبر موجب سرهاري پوليس عدالتي حڪم تي چودگي ڀرسان ظفر پٺاڻ جي سرن جي بٺي تي ڇاپو هڻي مبينا باندي بڻايل پورهيت عورتن مسمات بيبي ۽ سندس ڌيءُ مسمات سرهيه کي بازياب ڪرائي ٿاڻي تي آندو، درخواست گذار محمد رفيق ڀٽي موجب بٺي مالڪ ظفر پٺاڻ  اسان کان جبري پورهيو ڪرائي مزدوري جا پئسا نه ڏيندو هو، جنهن کان تنگ اچي سيشن جج سانگهڙ جي عدالت ۾ درخواست ڏني، پوليس جو چوڻ آهي ته بازياب ڪرايل ماءُ ڌيءُ کي اڄ ايڊيشنل سيشن ڪورٽ شهدادپور ۾ پيش ڪيو ويندو.