غزه ۾ صحت جو نظام تباهه: صحت واري عالمي اداري طرفان بيماريون پکڙجڻ جو خدشو

0
111
غزه ۾ صحت جو نظام تباهه: صحت واري عالمي اداري طرفان بيماريون پکڙجڻ جو خدشو
غزه ۾ صحت جو نظام تباهه: صحت واري عالمي اداري طرفان بيماريون پکڙجڻ جو خدشو

غزه: غزه ۾ صحت جو نظام تباهه ٿي ويو، صحت واري عالمي اداري بيماريون پکڙجڻ جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي، صحت واري عالمي اداري ڊبليو ايڇ او غزه ۾ بيماريون پکڙجڻ جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي

پرڏيهي ميڊيا موجب غزه جي پٽي تي اسرائيلي جارحيت جي ڪري فلسطينين ۾ بيماريون پکڙجڻ جو سنگين خطرو آهي

ڊبليو ايڇ او موجب اسرائيلي بمباري جي ڪري صحت جو نظام تباهه ٿي ويو آهي، پناهه جي لاءِ نه ڪا ڇت آهي ۽ نه وري فلسطينين جي لاءِ صاف پاڻي جي پهچ ممڪن آهي، جنهن جي ڪري مختلف انفيڪشن پکڙجڻ جو خطرو وڌي ويو آهي جنهن ۾ پيٽ جي خرابي جهڙا مسئلا شامل آهن

ڊبليو ايڇ او جي موجب متاثر ٻارن جي انگ ۾ 2021 ۽ 2022 جي دوران ماهوار شرح ۾ 2 هزار ڪيسن جي ڀيٽ ۾ نمايان واڌ ٿي آهي