فاطمه ڦرڙو جا ڊي اين اي جزا ضايع ڪرڻ وارن الزامن تي سنڌ جو صحت کاتو خاموش

0
110
فاطمه ڦرڙو جا ڊي اين اي جزا ضايع ڪرڻ وارن الزامن تي سنڌ جو صحت کاتو خاموش
فاطمه ڦرڙو جا ڊي اين اي جزا ضايع ڪرڻ وارن الزامن تي سنڌ جو صحت کاتو خاموش

راڻيپور جي حويلي ۾ تشدد ڪري ماريل ٻارڙي فاطمه ڦرڙو جا ڊي اين اي جزا ضايع ڪرڻ وارن سنگين الزامن تي سنڌ جو صحت کاتو خاموش تماشائي بڻيل، ايس ايس پي خيرپور ڊاڪٽر سميع الله سومرو به آن ريڪارڊ موقف ڏيڻ کان لنوائڻ لڳو آهي

 گذريل ڏينهن قانون واري نگران وزير عمر سومرو ڪراچي ۾ تقريب کي خطاب دوران دعويٰ ڪئي هئي ته فاطمه ڦرڙو ۽ گرفتار ڪيل پير جا جزا ميچ ٿي ويا آهن

نگران وزير الزام هڻندي چيو ته صحت کاتي سنڌ جي عملدارن پيرن سان ياري ملهائيندي فاطمه جا ڊي اين اي تباهه ڪري ڇڏيا

 سنڌ جي ليبارٽريز مان جزا ميچ نه ٿيڻ جي رپورٽ آئي، پنجاب جي ليبارٽري مان آيل رپورٽ موجب ٻارڙي فاطمه ۽ جوابدار پير جا جزا ميچ ٿي ويا آهن

 نگران وزير جي سنگين الزامن باوجود صحت کاتي ۽ خيرپور پوليس جو باضابطه موقف سامهون نه اچي سگهيو

 ايس ايس پي خيرپور سميع الله سومرو ٽائيم نيوز پاران بار بار رابطو ڪرڻ باوجود ڪو به موقف نه ڏنو،  سوشل ميڊيا تي صحت کاتي ۽ ايس ايس پي خيرپور خلاف ڇتي تنقيد ٿي رهي آهي

ذريعن موجب ايس ايس پي خيرپور سميع الله سومرو جو چوڻ آهي ته فاطمه ڦرڙو ۽ گرفتار ڪيل جوابدار پيرن جا ڊي اين اي ميچ نه ٿيا هئا ۽ اهڙي رپورٽ عدالت ۾ به پيش ڪئي وئي آهي