اسلام ڪوٽ: (ن پ ا) گڏيل قومن جي اداري يونيسڪو جي پاڪستان ۾ ڪنٽري ڊائريڪٽر پيٽريشيا ميڪ فلپس چيو آهي ته گڏيل قومن جي جٽادار ترقيءَ جا مقصد (SDGs) جي حاصلات، عورتن کي بااختيار بڻائڻ کانسواءِ ممڪن ناهي. يونيسڪو وفد جي سربراهه پيٽريشيا ميڪ فلپس خميس تي ٿر ڪول بلاڪ ٽو جو دورو ڪيو ۽ ٿر فائونڊيشن جي مختلف اسڪيمن خاص طور تي عورتن کي بااختيار بڻائڻ وارن منصوبن جو دورو ڪيو. وفد مائننگ، پاور پلانٽ پروجيڪٽس، ٿر فائونڊيشن اسپتال، نيو سينهري درس ماڊل ڳوٺ، کاري پاڻي تي زراعت جي تجرباتي منصوبن سميت ٿر ملين ٽري پروگرام جو دورو ڪيو. وفد ٿر فائونڊيشن جي اسڪولن، عورتن ڊمپ ٽرڪ ڊرائيورن، پنج ميگاواٽ جي سولر پاور پلانٽ تي ڪم ڪندڙ عورتن ۽ عورت آر او پلانٽ آپريٽرن سميت مختلف شعبن ۾ ڪم ڪندڙ عورت ڪارڪنن سان پڻ ملاقات ڪئي. دوري کانپوءِ تبصرو ڪندي محترمه پيٽريشيا چيو ته هن عورتن جي بااختيارگي ۽ ڪارپوريٽ سماجي ذميواري لاءِ دنيا ۾ اهڙا منصوبا تمام گهٽ ڏٺا آهن جهڙا ٿر ڪول بلاڪ ٽو پاران شروع ڪيا ويا آهن. اينگرو انرجي لميٽيڊ ۽ ٿر فائونڊيشن جي ويزن کي ساراهيندي هن چيو ته عورتن کي روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ مناسب ترغيبون ۽ سهولتون ڏيڻ عورتن کي حقيقي خودمختيار بڻائڻ جي طرف پھرين وک آهي. وفد عورت ڪارڪنن سان منصوبن تي اھو سمجھڻ لاءِ وقت گذاريو ته انھن جي زندگيءَ ۾ ڪھڙي مثبت تبديلي آئي آھي جنھن سان اھي مالي طور تي خودمختيار ٿيون آھن پيٽريشيا چيو ته مان جامع ترقياتي نموني کي سمجهان ٿي جنهن سان مقامي ڪميونٽي جي ترقي جي عمل کي اڳتي وڌائڻ ۾ سهائتا ملي ٿي.