عمرڪوٽ ڀرسان ڊمپر موٽرسائيڪل مٿان چڙهي ويو، 3 ڄڻا فوت

0
519

عمرڪوٽ (ن پ ا) عمرڪوٽ ويجهو ڳوٺ دوست محمد وٽ جاڳير موڙ ڀرسان تيز رفتار ڊمپر موٽرسائيڪل مٿان چڙهي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا فوت ٿي ويا، فوتين ۾ راڄڙ جا رهواسي زال، مڙس ۽ پيرسن عورت شامل آهن، جن جي سڃاڻپ آسن ڀيل، سندس زال پٺاڻي ڀيل ۽ امڙ ڏسران ڀيل طور ٿي آهي، ايمبولينس نه ملڻ ڪري لاش حادثي واري جاءِ تي پيل آهن، جڏهن ته حادثي ۾ هڪ معصوم نياڻي معجزاڻي طور تي بچي وئي.