سنڌ جي مختلف شهرن ۾ جهيڙا، عورتن سوڌو 21 ڄڻا زخمي

0
228

ٽنڊو رحيم خان/ ڪرمپورو(نمائندن وٽان) ڪرمپورويجهو ڳوٺ ميرمحمد اوڳاهي ۾ اوڳاهي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙوٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 10ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن ۾ 3 عورتون به شامل آهن، علائقي واسين جو چوڻ آهي ته زمين جي دنگ تان اوڳاهي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، لٺيون لڳڻ سبب ٻن ڌرين جا 10ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، ٻئي طرف ٽنڊو رحيم خان ڀرسان ڳوٺ کنڌاني ۾ گھٽي جي معاملي تان شاھاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿيو، جنهن ۾ ڌرين جا 11 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.