سکر (بيورو رپورٽ) سکر ويجهو مبينا پوليس مقابلي ۾ هڪ ڏوهاري کي زخمي حالت ۾گرفتار ڪيو ويو آهي، پوليس موپجب اي سيڪشن ٿاڻي جي حد مان گرفتار ٿيل ڏوهاري جي ڪفايت الله جي نالي سان سڃاڻپ ٿي آهي، گرفتار ڏوهاري جي قبضي مان پسٽل ۽ گوليون هٿ ڪيون ويون آهن، ڏوهاري ڦر ۽ مقابلن سميت مختلف ڪيسن ۾گهربل آهي.