عمرڪوٽ(اسپورٽس نيوز) 22ھون آل سنڌ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ھارڊ بال ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جاري آهي، ٽورنامينٽ جي ڇھين رائونڊ ۾ ذڪريا ڪرڪيٽ ڪلب عمرڪوٽ شاھد آغا ڪرڪيٽ ڪلب حيدرآباد کي هارائي ڇڏيو. شاھد آغا ڪرڪيٽ ڪلب حيدرآباد ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو، ذڪريا ڪرڪيٽ ڪلب عمرڪوٽ پھرين بيٽنگ ڪندي مقرر 25 اوورن ۾ 340 رنز جو هدف ڏنو، جنھن ۾ افضل 12 چوڪا ۽ 11 ڇڪن جي مدد سان 134 ۽ سليمان ڀنڀرو 11 چوڪا ۽ 5 ڇڪن جي مدد سان 94 رنسون ٺاھي نمايان رھيا. جڏهن ته قومي ڪرڪيٽر خرم منظور 27 ۽ انور خان 25 رنسون ٺاهيون، آغا شاھد ڪرڪيٽ ڪلب حيدرآباد 18 اوورن ۾ صرف 95 رنز تي پوري ٽيم ڍير ٿي وئي، جڏهن ته ذڪريا ڪرڪيٽ ڪلب عمرڪوٽ جي بالر عاطف مقبول 4 وڪيٽون ورتيون، افضل کي شاندار سينچر اسڪور ڪرڻ تي ميچ جو هيرو قرار ڏنو ويو.