ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۽ نيوزلينڊ وچ ۾ ون ڊي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ سيريز جي پهرين ميچ اڄ کيڏي ويندي، ٻنهي ڪپتانن طرفان ٽرافيءَ جي مهورت. ٽرافيءَ جي مهورتي تقريب ۾ ٻنهي ٽيمن جي ڪپتانن شرڪت ڪئي، ٻنهي ڪپتانن ٽرافيءَ سان گڏ تصوير پڻ ڇڪرائي. ٽرافي جي مهورتي تقريب کانپوءِ قومي ٽيم جي ڪپتان بابراعظم پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته نائب ڪپتان شان مسعود کي کيڏائڻ يا نه کيڏائڻ جو فيصلو ميچ کان اڳ ٿيندو، ڪپتان ۽ سليڪٽرن جو هڪ پيج تي هئڻ گهڻو ضروري آهي. بابراعظم چيو ته ٽيسٽ ۽ وائٽ بال لاءِ الڳ الڳ ٽيمون هئڻ گهرجن پر فٽنس مسئلن جي ڪري اسان ايئن نه ڪري سگهيا آهيون. سندس چوڻ هو ته اسان جي ڪوشش هوندي ته سٺي ڪرڪيٽ کيڏون. قومي ٽيم جي ڪپتان جو چوڻ هو ته طيب طاهر ۽ ڪامران غلام سٺي پرفارمنس ڏني آهي، حارث رئوف، نسيم شاهه، محمد حسنين ۽ شاهنواز ڏاهاڻي جي واپسي سان اسان جي بالنگ مضبوط ٿي وئي آهي. بابراعظم چيو ته سرفراز احمد ٽيسٽ سيريز ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو. هن همت نه هارائي، پنهنجي حق جو انتظار ڪيو ۽ موقعو ملڻ تي پنهنجي اهليت ثابت ڪئي، هڪ سٺي ۽ عظيم رانديگر جي اها ئي نشاني هوندي آهي. هن چيو ته سرفراز احمد جا 4 سال ضايع ٿيڻ تي مونکي ڪوبه پڇتاءُ نه آهي.