عمران خان اسان جي ووٽ تي ڌاڙو هنيو، کيس برداشت نه ڪنداسين: بلاول ڀٽو

0
218
اسان جو مارچ نااهل

گھوٽڪي (ن پ ا) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آھي تھ هاڻي پنجاب ۾ داخل ٿي رهيا آهيون، دما دم مست قلندر ٿيندو، پ پ چيئرمين اسلام آباد لاءِ نڪتل لانگ مارچ کي گهوٽڪي ۾ خطاب ڪيو

بلاول ڀٽو زرداري چيوآهي ته عمران خان اسان جي ووٽ تي ڌاڙو هنيو، کيس برداشت نه ڪنداسين، اسان جي هٿ ۾ بي اعتمادي رِٿ جو جمهوري هٿيار آهي، سليڪٽيڊ کي وڃڻو پوندو، عوام کانپوءِ پارليامينٽ جو به ڪٺ پُتلي حڪمرانن تان اعتماد کڄڻ گهرجي، عوام ساٿ ڏنو ته عمران خان کي شڪست جو منهن ڏسڻو پوندو،عمران خان ڪنهن کي ناهي ڇڏيو، هر ماڻهو جي زندگي عذاب ڪئي اٿس

 سکر مان نڪتل لانگ مارچ ڪمون شهيد کان پنجاب ۾ داخل ٿيندو، پي ٽي آءِ سرڪار عوام کي تباھ ڪري ڇڏيو آھي، عمران خان کان حساب وٺڻ اسلام آباد وڃي رھيا آھيون

ھي به پڙھندا

ٽئڪس اوڳاڙي ذريعي پئسو گهڻو آيو ته بجلي 5 رُپيا ۽ پيٽرول 10 رُپيا سستو ڪيو: وزيراعظم