صحافي تنظيمن پيڪا آرڊيننس کي عدالت ۾ چيلينج ڪري ڇڏيو

0
207
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ آڊيو ليڪس ڪميشن کي ثاقب نثار جي پٽ خلاف ڪارروائيءَ کان روڪي ڇڏيو
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ آڊيو ليڪس ڪميشن کي ثاقب نثار جي پٽ خلاف ڪارروائيءَ کان روڪي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صحافي تنظيمن پريونشن آف اليڪٽرانڪ ڪرائمز ايڪٽ (پيڪا) ترميمي آرڊيننس کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو. پي بي اي، اي پي اين ايس، سي پي اين اي ۽ ايمينڊ ڏيل طور تي درخواست داخل ڪئي آهي.سينيئر وڪيل منير اي ملڪ طرفان داخل ڪرايل درخواست ۾ صحافي تنظيمن پيڪا ترميمي آرڊيننس کي چئلينج ڪيو آهي، جنهن ۾ وفاقي ڪابينا، سيڪريٽريٽ، اطلاعات واري وزارت، آءِ ٽي ۽ قانون واري وزارت کي ڌر بڻايو ويو آهي.درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته آرڊيننس جا سيڪشن 2 ۽ 3 عوام جي ڄاڻ واري حق جي ڀڃڪڙي آهي

ترميم ٿيل آرڊيننس آئين جي آرٽيڪل 19 اي ۾ ڏنل بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي آهي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته 18 فيبروري 2022 تي صدر پيڪا ايڪٽ ۾ ترميم جو آرڊيننس جاري ڪيو، جيڪو بنيادي حقن ۽ آئين جي ڪيترن ئي آرٽيڪلز جي ڀڃڪڙي آهي، جيڪو سيلف سينسرشپ کي فروغ ڏيندو، صدر وٽ مناسب جواز هجڻ ضروري آهي. درخواست ۾ ان آرڊيننس کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي.