ٽئڪس اوڳاڙي ذريعي پئسو گهڻو آيو ته بجلي 5 رُپيا ۽ پيٽرول 10 رُپيا سستو ڪيو: وزيراعظم

0
254
سڄي قوم 27 مارچ تي

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته قوم سان واعدو آهي ته شهري جيترو ٽيڪس ڏيندا هو پنهنجي هيٺين طبقي تي خرچ ڪندو، پاڪستان هڪ وڏي خواب جو نالو هو، اسان کي هڪ مثالي اسلامي فلاحي رياست بڻجڻو هو ، پر هي افسوسناڪ آهي ته 1947 ۾ جيڪو اسان جو قبلو هجڻ گهرجي ها اسان ان تي نه هلياسين

اسلام آباد ۾ بنا وياج قرض جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان جنهن نظريي تي ٺهيو هو ان تي نه هلي سگهياسين ۽ جيڪو انسان پنهنجي نظريي سان هٽي ٿو اهو گمراهه ٿي وڃي ٿو

عمران خان چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ايف بي آر سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس جمع ڪيو آهي، اسان وٽ ٽئڪس اوڳاڙي ذريعي پيسا وڌيڪ آيا جنهن ڪري بجلي جو في يونٽ 5 روپيا ۽ پيٽرول ۽ ڊيزل 10 روپيا في ليٽر گهٽ ڪيو

هن چيو ته هو قوم کي چوان ٿو ته جيترو ٽيڪس ڏيندئو اهو پيسو هيٺين طبقي تي لڳائيندس، وياج جي بنا قرض ڏئي رهيا آهيون، پنهنجو گهر ٺاهڻ جي لاءِ 20 لک روپين جو قرض بنا وياج جي ڏئي رهيا آهيون، اسان جو مقصد آهي ته ماڻهو پنهنجي پيرن تي بيهن

هن چيو ته هر شهر ۾ ڪچيون آباديون وڌي رهيون آهن، ڪراچي ۾ 40 سيڪڙو ڪچيون آباديون آهن، لاهور ۾ به ڪچي آباديون وڌي ويون آهن، بنا وياج جي قرض ان ڪري ڏئي رهيا آهيون ته جيئن غريب ماڻهو به پنهنجي گهر جو خواب ڏسي سگهن

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته صحت ڪارڊ تي فخر آهي، مارچ جي آخر تائين پنجاب جي سمورن خاندانن کي صحت ڪارڊ پهچي ويندو، هيلٿ ڪارڊ جي ذريعي سٺي کان سٺي اسپتال ۾ علاج ڪرائي سگهبو

ھي به پڙھندا

اسان جو مارچ نااهل وزيراعظم جي خلاف آهي، مزدورن، هارين ۽ شاگردن لاءِ وڙهندا رهيا آهيون: بلاول