اسان جو مارچ نااهل وزيراعظم جي خلاف آهي، مزدورن، هارين ۽ شاگردن لاءِ وڙهندا رهيا آهيون: بلاول

0
176
اسان جو مارچ نااهل

حيدرآباد (ن پ ا) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عوام ڪهڙي تبديلي پسند ڪئي، وقت اچي ويو آهي ته اسان هن سلڪٽڊ شخص کي گهر موڪليون، اسان جو مارچ نااهل وزيراعظم جي خلاف آهي

حيدرآباد ۾ لانگ مارچ کي خطاب ڪندي هن چيو ته عوامي مارچ تي عوام جو شڪر گذار آهيان، مان هتي ٻيهر توهان جي مدد لاءِ آيو آهيان، اسان هن ملڪ جي عوام لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهيون

هن چيو ته مزدورن، هارين ۽ شاگردن لاءِ وڙهندا رهيا آهيون، جتي معاشي بحران هجي اتي مزدورن سان گڏ واحد پارٽي توهان جي پيپلز پارٽي هوندي آهي

هن چيو ت پيپلز پارٽي هميشه مزدور دوست رهي آهي، مزدورن کي حق ڏنا آهن، مزدورن کي اسان اڳ ۾ به حق ڏنا آهن ۽ اڄ به ڏئي رهيا آهيون، اڳي کان وڌيڪ پئسا هاڻي رکينداسين

هن چيو ته پيپلز پارٽي هارين لاءِ وڙهندي آهي، هارين جا مسئلا، پاڻي جي کوٽ لاءِ وڙهي آهي، جڏهن ماڪڙ حملو ڪيو ته صدر زرداري آواز اٿاريو، اسان نوجوانن ۽ شاگردن لاءِ وڙهندا رهيا آهيون، ضياءَ شاگرد يونين تي پابندي لڳائي  اسان حق ڏنو آهي

ھي به پڙھندا

پيپلزپارٽي جي لانگ مارچ جو ٻيو ڏھاڙو:اسان سليڪٽڊ کي گهر ڀيڙو ڪرڻ لاءِ نڪتا آهيون: بلاول ڀٽو