ڪراچي: ڪورنگي ۾ ڪيش وين کي ڦرڻ جي ڪوشش جا سي سي ٽي وي فوٽيجز

0
189
ڦرڻ جي ڪوشش جا سي سي ٽي وي فوٽيجز
ڪراچي: ڪورنگي ۾ ڪيش وين کي ڦرڻ جي ڪوشش جا سي سي ٽي وي فوٽيجز

ڪراچي: ڪراچي جي علائقي ڪورنگي ۾ نيشنل ريفائنري ڀرسان ڪيش وين کي ڦرڻ جي ڪوشش جا سي سي ٽي وي فوٽيجز منظر تي اچي ويا

فوٽيجز ۾ روڊ تي ڪيش وين کي ايندي ۽ اڇي رنگ جي ڪرولا کي ان جو تعاقب ڪندي ڏسي سگهجي ٿو. ڪار اڳتي وڌي ڪيش وين کي روڪيو، جنهن مان هٿياربند ماڻهو هيٺ لهي آيا

فوٽيجز ۾ جوابدارن ۽ سيڪيورٽي گارڊز وچ ۾ جهيڙو به ڏسي سگهجي ٿو. هڪ سيڪيورٽي گارڊ زخمي  ٿي روڊ تي ڪري پوي ٿو، ٻيو سيڪيورٽي گارڊ به زخمي ٿي پوي ٿو. هڪ ڦوروکي پوليس جي يونيفارم جهڙي لباس ۾ به ڏسي سگهجي ٿو

واقعي ۾ ڪمپني جو هڪ ملازم موقعي تي ئي مارجي ويو ۽ ٻه سيڪيورٽي گارڊ سخت زخمي ٿي پيا. مزاحمت سبب ڦورو پيسن واري وزني سيف کڻڻ ۾ ناڪام ٿي ويا ۽ گاڏي ۾ ويهي فرار ٿي ويا

ھي بھ پڙھندا

ميرپورماٿيلو ۾ ماسترياڻي سان اوباش نوجوانن پاران ڇيڙ ڇاڙ وارا سي سي ٽي وي فوٽيجز هٿ، ڪيس داخل

حيدرآباد: ٻن گارڊن تي تشدد، سي سي ٽي وي فوٽيجز ٽائيم نيو هٿ ڪري ورتا

رائونتي: ڪوٽ سبزل ۾ 9 ڄڻن جي قتل واقعي جا سي سي ٽي وي فوٽيجز سامھون اچي ويا

صحافي اطهر متين قتل جا سي سي ٽي وي فوٽيجز منظر عام تي اچي ويا