ميرپورماٿيلو ۾ ماسترياڻي سان اوباش نوجوانن پاران ڇيڙ ڇاڙ وارا سي سي ٽي وي فوٽيجز هٿ، ڪيس داخل

0
607

گھوٽڪي (رپورٽر) ميرپورماٿيلو جي اسڪول ۾ پڙهائيندڙ فيميل ٽيچر کي ٽن اوباش نوجوانن پاران ڇيڙڇاڙ ڪرڻ جي ڪوشش وارا سي سي ٽي وي فوٽيج ٽائيم نيوز هٿ ڪري ورتا، سي سي ٽي وي فوٽيج ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته 3 اوباش نوجوان اسڪول کان موڪل ملڻ وقت گهر ويندڙ فيميل ٽيچر جنت خاتون سان ڇيڙڇار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ٽيچر اسڪول اندر ڀڄي جان بچائي، اسڪول انتظاميا ٽنهي اوباش نوجوانن کي ارشد علي ميراڻي، نظر علي قريشي ۽ فيضان ملڪ کي پڪڙي ميرپور ماٿيلو پوليس حوالي ڪيو، اهڙي واقعي جو ڪيس فيميل ٽيچر جنت خاتون جي سئوٽ اسرار احمد جي فرياد تي ميرپور ماٿيلو ٿاڻي تي ٽن اوباش نوجوانن ارشد علي ميراڻي، نظر علي قريشي ۽ فيضان ملڪ مٿان داخل ڪيو ويو.