ڳڙهي خيرو ڀرسان نوجوان ٽن ڏينهن کان گم، وارثن پاران اغوا جو شڪ ظاھر

0
318

ڳڙهي خيرو (رپورٽر) بلوچستان جي علائقي حبيب ڪوٽ جو رھواسي نوجوان دين محمد عرف بدرالدين سوھو اوسته محمد مان گم ٿي ويو، نوجوان ٽي ڏينهن اڳ گھر وارن کي دوستن سان گڏ ڪوئٽا وڃڻ جو چئي گھران نڪتو ھو، اوسته محمد پھچڻ بعد نوجوان جو فون بند آهي رابطو نه ٿي سگھيو، نوجوان جي وارثن پاران اغوا جو شڪ ظاھر ڪندي اوسته محمد ٿاڻي تي اطلاع ڏنو ويو.