پيپلزپارٽي جي لانگ مارچ جو ٻيو ڏھاڙو:اسان سليڪٽڊ کي گهر ڀيڙو ڪرڻ لاءِ نڪتا آهيون: بلاول ڀٽو

0
283
پيپلزپارٽي جي لانگ مارچ

ڪراچي: پيپلز پارٽي جَي لانگ مارچ جو ٻيو ڏينهن، بلاول ڀٽو زرداري جِي قيادت ۾ قافلا ماتلي کان ٽنڊو محمد خان لاءِ نڪرندا، پ پ چيئرمين مختلف شهرن کان ٿيندو حيدرآباد پهچي ڪارڪنن کي خطاب ڪندو

لانگ مارچ ۾ شامل جيالن جو جوش ۽ جذبو ڏسڻ وٽان آھن، ماتلي ۾ لانگ مارچ جا قافلا موجود آھن، جڏھن تھ سنجر جانگ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ملڪ ۾ مهانگائي سبب عوام جو جيئڻ تنگ آهي

اسان سليڪٽڊ کي گهر ڀيڙو ڪرڻ لاءِ نڪتا آهيون، پي ٽي آءِ سرڪار عوام کي تباھ ڪري ڇڏيو آھي، سليڪٽڊ کي ھر صورت ۾ گھر وڃڻو پوندو

ھي به پڙھندا

اسلام آباد پهچي حڪومت تي حملو ڪنداسين، ھاڻي سليڪٽڊ کي وڃڻو پوندو: بلاول ڀٽو زرداري