نيپرا بجلي جي قيمت ۾ 5 رپيا 94 پئسا في يونٽ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي

0
196

نيپرا بجلي جي قيمت

اسلام آباد: نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) بجلي جي قيمت ۾ 5 رپيا 94 پئسا في يونٽ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي

چيئرمين نيپرا جي صدارت هيٺ بجلي جي اگهن ۾ واڌ بابت داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي. سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي (سي پي پي اي) مهيني جي فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي جي اگهن ۾ 6 رپيا 10 پئسا في يونٽ واڌ جي درخواست ڪئي آهي

چيئرمين نيپرا پڇاڻو ڪيو ته جنوري ۾ ايل اين جي گهٽ ڇو استعمال ڪئي وئي جڏهن ته ڊيزل ۽ فرنس آئل وڌيڪ استعمال ڪيو ويو. آفيسرن جواب ڏنو ته ايل اين جي جي دستيابي طلب جي ڀيٽ ۾ تمام گهٽ هئي

نيپرا جي چيئرمين توصيف فاروقي چيو ته صنعتن هن مهيني 16 سيڪڙو وڌيڪ بجلي استعمال ڪئي آهي، ٻڌڻي کانپوءِ نيپرا بجلي جي قيمت ۾ 5 رپيا 94 پئسا في يونٽ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن سان بجلي صارفين تي 58 ارب رپين جو اضافي بار پوندو. واڌ لائف لائن ۽ ڪي اليڪٽرڪ آفيسرن تي لاڳو نه ٿيندي

نيپرا اختيارين ٻڌايو ته جنوري ۾ ايل اين جي جي کوٽ سبب 7 ارب 74 ڪروڙ رپين جو اضافي بار هو، صارفين تي 92 پئسا في يونٽ جو اضافي بار هو

ھي به پڙھندا

عالمي مارڪيٽ جي صورتحال، پاڪستان ۾ پيٽرول ڪيترو مهانگو ٿيندو؟