عالمي مارڪيٽ جي صورتحال، پاڪستان ۾ پيٽرول ڪيترو مهانگو ٿيندو؟

0
261
حڪومت پيٽرول 35 ۽ ڊيزل

ڪراچي (م ڊ) روس ۽ يوڪرين تڪرار دوران عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن تي اثر ٿيڻ سبب پاڪستان ۾ به پيٽروليم شين جون قيمتون وڌيڪ مهانگيون ٿيڻ جو خدشو آهي

پيٽروليم ڊويزن جي ذريعن جو چوڻ آهي ته عالمي مارڪيٽ موجب ڊيزل ۽ پيٽرول جي قيمت ۾ ساڍا 4 کان ساڍا 5 رپيا اضافو ٿي سگهي ٿو،ذريعن موجب عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي موجوده قيمتن کي نظر ۾ رکندي پيٽروليم شينجي جي قيمتن ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو جڏهن ته ڊيزل جي قيمت ۾ ٻه ساڍا 8 رپيا في ليٽر اضافو ٿيڻ جو امڪان آهي

ذريعن جو چوڻ آهي ته هن وقت پيٽرول تي ليوي 17.92 رپيا ۽ ڊيزل تي 13.30 رپيا في ليٽر آهي، جڏهن ته پيٽرول ۽ ڊيزل تي جي ايس ٽي زيرو آهي، پيٽروليم شين جي قيمتن جو حتمي فيصلو ناڻي واري وزارت وزيراعظم جي مشاورت سان ڪندي

ھي به پڙھندا

اوگرا چيئرمين پهرين مارچ کان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جو اشارو ڏئي ڇڏيو