بلاول جو مارچ پنهنجو ئي مارچ آهي، اُن جو خير آهي:شيخ رشيد

0
223
دعا آهي اتحادي عمران خان

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد اعتراف ڪيو آهي ته وزيراعظم عمران خان ساڍن ٽن سالن ۾ پهريون ڀيرو غريبن کي سهولتون ڏنيون آهن

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جو مارچ پنھنجو ئي مارچ آھي، ان جو خير آھي، پي ڊي ايم جي مارچ تي سوچينداسين، وزيراعظم پيٽرول، ڊيزل ۽ بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪئي آهي، ساڍي ٽن سالن ۾ پهريون ڀيرو غريب عوام کي عمران خان سهولت ڏني جيڪا وڏي ڳالهه آهي، هاڻي اسان کي اٽو، گيهه ۽ کنڊ تي به رعايت ڏيڻ گهرجي ته جيئن زندگي ۾ سهولتون پيدا ٿي سگهن

هن چيو ته عمران خان تمام سٺو ڪم ڪيو، اسان کي سندس تعريف ڪرڻ گهرجي، اسان کي پاڻ کي ۽ پنهنجي وزيراعظم کي منظم ڪرڻ جي ضرورت آهي

پيپلز پارٽي جي لانگ مارچ تي شيخ رشيد چيو ته بلاول جو لانگ مارچ ان جو پنهنجو لانگ مارچ آهي ان جو خير آهي، بلاول کي اسلام آباد اچڻ ڏيو ٺڪ آهي، 24 سالن کانپوءِ آسٽريليا جي ٽيم پاڪستاني آئي آهي ان جي اسان جي حڪومت کي ڪريڊٽ وڃي ٿو، هندستان سازش ڪري نيوزيلينڊ جو دورو ناڪام بڻايو

شيخ رشيد بلاول ڀٽو جي لانگ مارچ تي شاعرانه تبصرو ڪندي شعر به پڙهيو

یوں رو رو کے اشکوں کی آبرو نہ گنوا

گھر کی بات ہے گھر میں ہی رہے تو اچھا ہے

گهرو وزير وڌيڪ چيو ته عمران خان جي قيادت ۾ آزاد ۽ غيرجانبدار پرڏيهي پاليسي هلائي رهيا آهيون، اسان کي نئين دور سان مطابقت پيدا ڪرڻي آهي، يوڪرين ۽ ٻين ملڪن ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو اسان جي سامهون آهي

ھي به پڙھندا

واعدو ڪريان ٿو ته ٽئڪس جو پئسو مهانگائي گهٽائڻ تي لڳائيندس:وزيراعظم