قمبر: صحافي اطهر متين ڪيس جو ماريل جوابدار جي مالڪي نه ٿي

0
226
صحافي اطهر متين ڪيس

قمبر (ن پ ا) قمبر ۽ ڪراچي پوليس هٿان مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل ڪراچي جي صحافي اطهر متين ڪيس جي مک جوابدار انور بروهي جو لاش 24 ڪلاڪ گذرڻ باوجود قمبر اسپتال ۾ پيل آھي

پوليس موجب جوابدار جو وارث لاش وصول ڪرڻ لاءِ اڃان تائين  ڪير ناهي پهتو، جوابدار جا وارث ايندا ته لاش انهن حوالي ڪيو ويندو

ٻئي طرف اسپتال جي ايم ايس جو چوڻ آھي ته اسپتال ۾ ڊيٿ باڊي رکڻ لاءِ سرد خانو نه هئڻ سبب سخت تڪليف ٿي رهي آھي