اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي پيشي جي موقعي تي جوڊيشل ڪامپليڪس ۾ ڀڃ ڊاهه ڪرڻ تي 25 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو، اسلام آباد پوليس جو چوڻ آهي ته ٻين جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، اهڙي واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ دهشتگردي جا قلم به شامل ڪيا ويا آهن، ڪيس ۾ ڄاڻايو ويو ته سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچايو ويو، منصوبي تحت جوڊيشل ڪامپليڪس ۽ هاءِ ڪورٽ تي حملي جي ڪوشش ڪئي وئي. هجوم مان ڪلاشنڪوف ۽ ٻين هٿيارن سوڌو ڪيترن ئي ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو، پوليس موجب سياسي پارٽي جا اڳواڻ هجوم جي قيادت ڪري رهيا هئا، هجوم کي نقصان لاءِ ڀڙڪايو ويو، جوڊيشل ڪامپليڪس ۾ سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچايو ويو، پوليس حڪمت عملي سان صورتحال تي ڪنٽرول ڪيو، جڏهن ته وڌيڪ گرفتارين لاءِمختلف صوبن ۾ پوليس ٽيمون روانيون ڪيون ويون آهن.