اسلام آباد (بيورو رپورٽ) گهرو وزير رانا ثناءُالله چيو آهي ته جوڊيشل ڪامپليڪس تي حملو عدالتي نظام کي يرغمال بڻائڻ ۽ مرضي جو فيصلو ڪرائڻ جي سازش آهي، هڪ شخص هٿياربند گروهه سان گڏجي عدالتي نظام کي يرغمال بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي، هن چيو ته هي اهو ئي شخص آهي جنهن وٽ نه ته فارن فنڊنگ جو جواب آهي نه ئي توشا خانه مان اربين رپيا چوري جو جواب آهي. گهرو وزير چيو ته جوڊيشل ڪامپليڪس تي حملي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ملوث ماڻهن جي سي سي ٽي وي ذريعي سڃاڻپ ڪئي پئي وڃي، عمران سميت سڀني کي گرفتار ڪيو ويندو، رانا ثناءُالله چيو ته عمران کي ايئن ڪرڻ جي همٿ ملندڙ رعايت جو نتيجو آهي، معزز عدليه کي انهن قانون ٽوڙيندڙن خلاف ڪنهن قسم جي رعايت نه ڪرڻ گهرجي، هي عدليه جي عزت ۽ تڪريم جو معاملو آهي، نرمي نه ڪرڻ گهرجي، قانون جو احترام نه ڪندڙ، غنڊا گردي ڪندڙن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. هوڏانهن مريم اورنگزيب چيو ته عمران جي گرفتاري جو حڪم اچڻ گهرجي، 400 غنڊن عدليه تي حملو ڪيو پر افسوس ضمانت ڏني وئي.