ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) تحريڪ انصاف جي جيل ڀريو تحريڪ لاءِ  فوڪل پرسن  اعجاز چوڌري چيو آهي  ته  عمران خان جي حياتي کي خطرو آهي، ملڪ آئيني بحران جو شڪار ٿي رهيو آهي، 1971 ۾ به ٻه دفعا چونڊون ملتوي ڪيون ويون، جنهن جي نتيجي ۾ بنگلاديش ڌار ٿيو، هن وقت امپورٽڊ حڪومت ۽ انهي جا هينڊلر آئين کي پائمال ڪرڻ چاهين ٿا، ڪراچي جي 3 ڏينهن جي دوري دوران هن چيو ته  ملڪ ۾ مهانگائي سبب غريب پيڙهجي رهيو آهي، هن چيو ته  حيدرآباد ۽ ڪراچي جي دوستن سان صلاح بعد جيل ڀريو تحريڪ جي سلسلي ۾ حتمي اعلان ڪيو ويندو.