اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزير اعظم شهباز شريف هلندڙ سال جي بهار جي مند دوران وڻڪاري  مهم جو افتتاح ڪندي چيو آھي ته بهار مند ۾ 24 ڪروڙ کان وڌيڪ ٻوٽا لڳايا ويندا، ايندڙ نسلن کي ماحولياتي اثرن کان بچائڻ لاءِ وڻ لڳائڻ کي نصب العين بنائڻ جي ضرورت آھي، پاڪستان ۾ ٻيلن کي 5.45 سيڪڙو ايراضي کان وڌائڻو پوندو، تازو آيل ٻوڏ ۾ لکين ماڻهو بي گهر ٿيا آھن، 30 ارب ڊالرن کان وڌيڪ جو معاشي نقصان ٿيو. ان موقعي تي وفاقي وزير شيري رحمان ۽ ٻيا به موجود هئا، ٻئي طرف ڪالھه وزير اعظم شبهاز شريف جي اسلام آباد جي اسڪولي ٻارڙن لاءِ اسڪول آن ويلز منصوبي تحت 8 بسون فراهم ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ٻارن کي تعليم ڏيڻ کان سواءِ ترقي جو خواب پورو نه ٿيندو