اسلام آباد (بيورو رپورٽ) عمران خان تي حملي  جي ايف آءِ آر داخل نه ٿيڻ، اعظم سواتي کي وڊيو جي مامري تي انصاف نه ملڻ ۽ ارشد شريف جي قتل خلاف تحريڪ انصاف جي سينيٽرن اٺين ڏينهن به احتجاج ڪيو، پارليامينٽ هائوس کان سپريم ڪورٽ تائين ريلي ڪڍي، جنهن ۾ وڪيلن به شرڪت ڪئي، اڳواڻن چيو ته اسان کي سپريم ڪورٽ کانسواءِ ٻئي ڪنهن کان انصاف جي اميد نه آهي، هي الميو آهي ته هڪ اڳوڻو وزيراعظم پنهنجي مٿان ٿيل حملي جي ايف آءِ آر به مرضي مطابق نه ٿو داخل ڪرائي سگهي.