همايون شريف ( ن پ ا) همايون شريف ڀرسان ڳوٺ عبدالطيف ڀيو ۾ سارين جي ول چوري ٿيڻ جي ڳالهه تان اڳوڻي صوبائي وزير بابل ڀيو جي مامي ذوالفقار ڀيو ۽ سردارو معرفاڻي جي ٻن ڌرين ۾ منهن ماري ٿي، فائرنگ ۾ هڪ ڌرجو نوجوان سراج پٽ راڻو معرفاڻي ٿڏي تي قتل، جڏهن ته سردارو، حميد، سعيد ۽ ديدار معرفاڻي سخت زخمي ٿي پيا، سردارو ۽ سعيد معرفاڻي  جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.  ۽ ٻئي ڌر جا ذوالفقار علي، محبوب ڀيو ۽ ياسين معرفاڻي زخمي ٿي پيا، ايس ايس پي شڪارپور پوليس نفري ساڻ ڪري واقعي واري هنڌ پهچي ڌرين ۾ فائرنگ بند ڪرائي، پوليس پڪٽ قائم ڪئي وئي آهي،  ٻنهي ڌرين جا مجموعي 7ماڻهو زخمي ۽ معرفاڻي برادرجو هڪ نوجوان قتل ٿيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.نوجوان جو لاش سلطان ڪوٽ اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو،  لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.  هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي اڳوڻي ايم پي اي بابل ڀيو ٻڌايو تي منهنجي مامي جي زمين مان سارين جي ول چوري ٿي ۽ اسان انهن چورن جا پيرا معرفاڻي برادري جي گهرن ۾ هنيا جنهن تان هي واقعو پش آيو، منهنجو مامو ذوالفقار ڀيو ۽ معرفاڻي ڪجهه اسان جا هاري آهن، انهن سميت 7 ڄڻا زخمي ٿيا آهن.