دوڙ (رپورٽر) ناليواري جاکوڙي قومپرست اڳواڻ علي حسن چانڊيو جي وڇوڙي کي 8 سال گذري ويا پر سندس جدوجهد اڄ به زنده آهي علي حسن جي جدوجهد کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي سندس يادون هميشه اسان جي وچ ۾ موجود رهنديون اهڙو اظهار علي حسن چانڊيو جي اٺين ورسي جي موقعي تي سندس اباڻي شهر دوڙ ۾ علي حسن جي آخري آرام گاهه تي گل نڇاور ڪري کيس ڀيٽا پيش ڪرڻ دوران قومي ڪارڪنن، وارثن، ساٿين، صحافين سينيئر صحافي عبداش پنھور، ايس يو پي اڳواڻ ڊاڪٽر مجاهد رستماڻي، جسقم اڳواڻ امان الله سنڌي، ڀاءُ عزيز چانڊيو ۽ ٻين ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي ڪيو. هنن وڌيڪ چيو ته علي حسن چانڊيو ترقي پسند اڳواڻ ۽ ليکڪ اديب دانشور هو جنهن هميشه سنڌ جي وسيلن جي مالڪي ڪندي زندگي گذاري. هن جدوجهد دوران ڪيترائي ڀيرا جيل جون سختـيون برداشت ڪيون پر سنڌ جي وسيلن جي مالڪي تان پير پوئتي نه کنيو، علي حسن چانڊيو سياست دوران ڪڏهن به اڪيلائپ کي محسوس نه ڪيو، هن ترقي پسند سياست دوران سنڌ جي مظلوم پورهيت ماڻهن سميت پيڙهيل طبقي لاءِ هميشه جدوجهد ڪئي جنهن کي سنڌ ڪڏهن به وساري نه ٿي سگهي. علي حسن چانڊيو ترقي پسند قومپرست سياست ۾ هميشه اڳڀرو رهيو، ڪڏهن به ناڪام نظر نه آيو، هميشه اڳ کان اڳرو ڪردار ادا ڪندو رهيو. علي حسن چانڊيو اسان جهڙي سوين ڪارڪنن کي جنم ڏنو جيڪي اڄ به علي حسن چانڊيو جي جدوجهد تي هلندي سندس واٽ تي پورو لهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، علي حسن جي جدوجهد کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي کيس ورسي جي موقعي تي سرخ سلام پيش ڪيون ٿا.