آزاد ڪشمير اليڪشن: مختلف ھنڌن تي فائرنگ ۽ ڇڪتاڻ

0
227
آزاد ڪشمير جي قانون ساز اسيمبلي

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) آزاد ڪشمير جي قانون ساز اسيمبلي جي 45 سيٽس جي لاءِ پولنگ جو عمل پورو ٿي ويو آھي، جھيڙن سبب پولنگ جو عمل متاثر رھيو، آزاد ڪشمير جي قانون ساز اسيمبلي جي لاءِ پولنگ 8 کان شام 5 تائين ڪنھن وقفي کانسواءِ جاري رھندي، جڌھن تھ آزاد ڪشمير جي مختلف پولنگ اسٽيشنز تي فائرنگ ۽ جھيڙا ٿيا آھن، جنھن سبب پولنگ جو عمل متاثر ٿيو آھي، جڏھن تھ گجرانوالا ۾ ليگي پولنگ ايجنٽ کي پولنگ اسٽيشن مان ڪڍيوويو، ڊپٽي ڪمشنر گجراناوالا گورنمينٽ ھاءِ اسڪول نمبر 2 ۾ قائم پولنگ اسٽيشن پھتو ۽ ھن نواز ليگ ۽ مسلم ڪانفرنس جي پولنگ ايجنٽن کي ٻاھر ڪڍيو، ليگي ايجنٽن پاران احتجاج پڻ ڪيو ويو.