علم ۽ شعور جو انقلاب ڪيئن ايندو؟ … آصف علي چانڊيو

0
121

 گورنمينٽ پرائمري (مين) بوائز اسڪول قمبر ۾ پنهنجي ڪلاس ٻيون ب جي بورڊ کي وائيٽ استر ڪرڻ کانپوءِ بليڪ ڪلر ڪيم، سڀني شاگردن کي سنڌي، انگريزي، مئٿ، اردو سليٽن ۽ بوڪن ۽ وائيٽ پيپرن تي لکندي ڪجهه وقت لاءِ مصروف هيس پر ڪلاس جي شاگردن جو ڪم مڪمل طرح سان پورو ٿيو، ھي شاگرد ننڌڻڪا نه آهن پر ھنن جا وارث اسان آهيون ھي والدين جي اکين جا ستارا جڏهن ته اسان جو سرمايو آهن.  ھڪ استاد ۽ ذميوار فرد جي حيثيت سان منهنجو فرض آهي ته معاشري جي ڀليل ڀٽڪيل ۽ گمراھ ماڻهن تائين علم ۽ شعور جو صحيح نموني پيغام پھچائڻ جي پوري ڪوشش ڪريان،  علمي شعوري ۽ نيڪي جي رستي ۽ راھ تي آڻڻ علم ۽ قلم جي ھوندي به خاموش ويھي رھڻ آئون سمجهان ٿو ان کان وڏي جھالت ٻي ڪا به نه ھوندي، آئون پڙهيل لکيل سلجھيل ۽ ساڃاھ وند دوستن کي اھو ھر وقت عرض ڪندو آهيان ته خدارا پنهنجو علم ٻين تائين پھچايو پنهنجون نصيحتون ۽ بھترين ھدايتون ٻين تائين پھچايو، انهن جي ذهنن ۽ دلين تائين علمي ۽ شعوري پيغام ڏيو ۽ انهن کي جھالت مان نڪرڻ جا درس ڏيو زباني ٻڌايو سمجهايو سيکاريو لکرايو ۽ انهن کي پڙهايو انهن کي پاڻ کان به وڌيڪ قابل ۽ لائق بڻائي ڇڏيو، ڇو جو علم ورھائڻ سان ئي وڌندو آهي جڏهن ته لڪائڻ سان کٽندو آهي. مثال طور جيئن خيرات ۽ زڪوات ڏيڻ سان مال ۽ رزق ۾ برڪت پوندي آهي علم جو مثال به اھڙي ئي قسم جو آهي ان جي لاءِ پڙهيل لکيل ساڃاھ وند ۽ شعور وند دوستن کي اسان جو ساٿ ڏئي اڳتي وڌڻو پوندو جھالت ۾ ڦاٿل ماڻهن کي ان اوني دلدل مان ڪڍڻو پوندو، علمي پيغام ڏيڻا پوندا زباني لکت ۾ اخبارن جي ذريعي ڪالمن جي ذريعي تنظيمن جي ذريعي اتحادن جي ذريعي اسڪولن ڪاليجن يونيورسٽين ۽ اڪيڊمين جي ذريعي اڄ جي ماڻهن ۾ علمي شعور جو فڪر پيدا ڪرڻو پوندو انهن کي پاڻ کي سڃاڻڻ جي سگھه ڏيڻي پوندي ۽ اھو ڪم ڪو ٻيو نه پر اسان ۽ توهان ئي ڪري سگهون ٿا جن جي ھٿ ۽ وس ۾ به آهي، مونکي ڪنهن به دوست کان ڪنهن به قسم جي ڪا به شڪايت نه آهي شڪايت صرف اھا آهي ته توهان علمي پيغام نه جي برابر پيا ڏيو، جڏهن ته توهان وٽ به علم جا خزانا ڀريا پيا آهن پوءِ سستائپ ڇا جي جيڪو توهان يا اسان جي وس ۾ آهي اھو ڪيون باقي الله پاڪ انهن کي به عمل ڪرڻ جي توفيق ڏيندو.

اسان وٽ ھتي خاص ڪري استاد والدين ۽ شاگرد تعليم تي وڌ کان وڌ توجھه ڏين ڇو جو اسان جي تعليم سوين سال پوئتي نظر پئي اچي ان کي اڳتي ڪيون اسان جا سڀ مسئلا ان سان ئي ته حل ٿيندا، اھي استاد ۽ شاگرد گڏجي ڪري محنت ڪندا ته انهن جي ڪيل محنت انشاءَ الله ھڪ ڏينهن علم ۽ شعور جو انقلاب آڻي ڇڏيندي غلامي جا زنجير صرف علم ئي ٽوڙي سگهي ٿو، توهان يا اسان ڪھڙي به پارٽي يا ڪھڙي به جماعت سان واسطو رکون ٿا مقصد اھو نه آهي ڪٿي به ھجو خوش ھجو صرف پنهنجو علمي ۽ شعوري پيغام ٻين تائين ٽرانسفر ڪيو انهن تائين پھچايو يا موڪليو جيڪڏهن اسين ڪنهن کي به ائين چونداسين ته ادا اھا پارٽي يا اھو پنهنجو منصب ڇڏي ۽ اسان سان علمي ۽ شعوري پيغام پھچاءِ ته اھا ڳالھه ان کي قطعي به پسند نه ايندي پر ويتر تضاد وڌندا ۽ دشمنيون پيدا ٿينديون صرف انهن جي اندر ۾ ڪجھ ڪرڻ جو اتساهه پيدا ڪرڻو پوندو باقي اڳتي هلي ھو پاڻ ئي ڪم ڪندي تجربا ڪندي ڪندي قابل ۽ لائق بڻجي ويندو اسان سڀني کي نفرتون ساڙ حسد ڪينا بغض ختم ڪرڻا ۽ ختم ڪرئڻا آهن نه ڪي انهن کي وڌاءُ ڏيڻو آهي جنهن جنهن منصب جنهن جنهن پليٽ فارم تي ھجو ڀلي ھجو اتي صرف پنهنجو رول ادا ڪريو فرض پورو ڪريو علم ۽ شعور جو انهن کي پاڻ ڏي نه سڏيو صرف اتي رهي ڪري انهن جي اندرن ۾ سچائي ۽ علم جي لاٽ ٻاريو اھو ئي اصل مقصد ۽ اصل علمي شعور آهي، اسان کي هڪٻئي جي جذبن ۽ انهن جي نيڪ مقصدن جو دل سان قدر ڪرڻو پوندو. (فيس بوڪ وال تان ورتل)